15 جمعرات , نومبر 2018

شهباز شريف جو ناصر کوسا جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار

The good worker does not vow to make misery: Shahbaz Sharifلاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ ناصر کوسا جو نالو واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف هڪ بيان ۾ چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ ناصر کوسا جو نالو مشوري کانپوءِ موڪليو ويو،  اهو نالو تحريڪ انصاف ئي ڏنو هو. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ سمري موڪلي وئي آهي تنهن ڪري ڪنهن به آئيني نموني سان سمري واپس نه ٿي وٺي سگهجي.  ٻئي طرف ناصر کوسا کي نگران وڏو وزير بڻائڻ جي آئيني گهرج پوري ٿي وئي آهي، سندس نالو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه ٿو وٺي سگهجي.  هن چيو ته ناصر کوسا ئي نگران وڏو وزير رهندو، جڏهن ته نگران وڏي وزير لاءِ سمري قانون واري وزارت ذريعي گورنر کي موڪلي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے