20 منگل , نومبر 2018

گهر جي هر ڪنڊ کي روشن ڪرڻ وارو روبوٽ تيار

 سان تياگو(ويب ڊيسڪ)اسان چالاڪ انسان لاءِ لفظ ڪائيان استعمال ڪندا آهيون پر ڪائينا هڪ روبوٽ جو نالو آهي، جيڪو توهان جي گهر جي هر ڪنڊ کي سان روشن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن ته خوبصورت روبوٽ ڪائيا جي پيداوار شروع ٿي چڪي آهي ۽ هن جي شڪل ڊش اينٽينا سان ملندڙ جلندڙ آهي، ان کي جتي به اس ملندي آهي ان جو خاص ريفليڪٽر ان کي گهر اندر ڄاڻايل جاءِ تي موڪليندو آهي ۽ گهر جو اهو حصو سج جي قدرتي روشني ۾ روشن ٿي ويندو آهي. ان جو خاص نظام ڄاڻندو آهي ته گهر ۾ ڪنهن جاءِ تي اونداهه آهي ۽ ڪٿي ڪٿي روشني پهچائڻي آهي ۽ پورو ڏينهن سج جي لحاظ کان پاڻ کي تبديل ڪندي روبوٽ گهر جي اونداهه وارن حصن کي روشن ڪندو رهي ٿو. ڄاڻايل روبوٽ کي عمارتن، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن کي هلائڻ لاءِ ڪنهن بجلي يا چارجنگ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته هي پاڻ سج مان توانائي حاصل ڪندو رهي ٿو.ڪائيا روبوٽ کي ڪنهن ٿنڀي، ديوار، بالڪوني يا ٻين شين تي لڳائي سگهجي ٿو، ان روبوٽ جي پاڪستاني قيمت 23 هزار رپيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے