23 بدھ , جنوری 2019

نيوز: لکي غلام شاهه: جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 14 ڳوٺاڻا زخمي

Lakhi Ghulam Shah: In the two girls of Jamiat community Jahhar, injured 14 people*لکي  غلام شاھ ويجهو جمالي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ رهاڻ جمالي ۾ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان جمالي برادري جي شهزادو جمالي ۽ نظير احمد جمالي جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب روبينه، ،مرادان ،منظور علي،نظير احمد،محمد بخش،غلام حسين، جان محمد،عبدالقدير،علي جان،محمد ميهر،عبدالشڪور،مير محمد جمالي ٻيا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڳوٺاڻن همت ڪري  ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته جهيڙي دوران جهلي ڪلواڙي پوليس ۽ ون فائيو تي اطلاع ڏنو ويو پرپوليس ڪابه واهر نه ڪئي.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي جڏهن ته ڳوٺ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار  آهي ……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سڳيون : اٺن جي سوار الاهي بخش چنو جي چوٿين ورسي تي سوارن ڪيو ڪهڙو ڪمال؟

سڳيون ڀرسان درگاھ سيد عالم شاھ بخاري تي مشهور اٺن جي سوار الاهي بخش چنو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے