13 منگل , نومبر 2018

اصغر خان ڪيس: ڪابينا جو اجلاس نه گهرائڻ تي چيف جسٽس طرفان ڪاوڙ جو اظهار، حڪومت کي شام تائين جي مهلت

State officials are bound to work in the constitutional bodies: Chief Justiceاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار اصغر خان ڪيس تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس نه گهرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪومت کي اڄ شام تائين جي مهلت ڏني آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي خاص بئنچ لاهور رجسٽريءَ ۾ اصغر خان فيصلي تي عملدرآباد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڊي جي فيڊرل انويسٽيگشن ايجنسي بشير ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ڪيس جي حوالي سان جاچ جاري آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪابينا اصغر خان ڪيس بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ڇو نه ڪيو آهي؟ جنهن تي وفاقي سرڪار جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ايترو سنجيده معاملو آهي ۽ حڪومت کي ڪابه ڳڻتي ناهي. چيف جسٽس اصغر خان ڪيس بابت اڄ شام تائين اجلاس گهرائي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اڄ ئي فيصلي کان آگاهه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Key gang member involved in telephone banking fraud arrested

ٽيليفون تي معلومات وٺي اڪائونٽن مان رقم ڪڍرائيندڙ گروهه جو اهم جوابدار گرفتار

گوجرانوالا( ويب ڊيسڪ ) گجرانوالا ۾ ٽيليفون تي معلومات وٺي بئنڪ اڪائونٽ مان رقم ڪڍرائيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے