19 پیر , نومبر 2018

عوام ٽيڪس جو پئسو عياشين لاءِ نه ڏيندو آهي: چيف جسٽس

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عوام ٽيڪس جو پئسو وزيرن جي عياشين لاءِ نه ڏيندو آهي. سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن کان اڄ رات 12 وڳي تائين لگزري گاڏيون واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو آهي ته جنهن کي بلٽ پروف گاڏي جي ضرورت آهي پنهنجي کيسي مان خريد ڪري. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي گلزري گاڏين جي استعمال بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  اٽارني جنرل نيئر عباس رضوي عدالت جي روبرو پيش ٿي آگاهه ڪيو ته مجموعي طور تي 105 گاڏيون وفاقي سرڪار ۽ ڪابينا جي استعمال هيٺ آهن، ڪو به آفيسر يا وزير 1800 سي سي کان وڌيڪ گاڏي رکڻ جو اختيار نه ٿو رکي، مولانا فضل الرحمان وٽ هڪ لينڊ ڪروزر ۽ ٽي ڊبل ڪيبل گاڏيون آهن، وفاقي وزير عابد شير علي ۽ ڪامران مائيڪل وت مرسڊيز بينز گاڏيون آهن، اٽارني جنرل اشتر اوصاف وٽ بلٽ پروف گاڏي آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وٽ 4400 بلٽ پروف گاڏي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم ڪهڙي اختيار تحت گاڏيون خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عوام ٽيڪس جو پئسو وزيرن جي عياشي لاءِ نه ڏيندو آهي، چيف جسٽس اڳوڻي وفاقي وزير زاهد حامد کي لگزري گاڏي جي استعمال تي وضاحت طلب ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. عدالت قرار ڏنو ته استحقاق نه رکندڙ ٻين وزيرن ۽ آفيسرن کي به طلب ڪيو وڃي. عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته پنجاب ۾ بنا استحقاق واريون سموريون گاڏيون اڄ رات 12 وڳي تائين ضبط ڪيون وڃن ۽ قانون جي ابتڙ گاڏيون خريد ڪندڙ بورڊ آف ڊائريڪٽرز کان پئسا ورتا وڃن، جڏهن ته معاملو نيب کي به موڪلي سگهجي ٿو. عدالت حڪم ڏنو ته ڪابينا ختم ٿيندي ئي راڻا ثناءَ الله ۽ ٻين کان بلٽ پروف گاڏيون واپس ورتيون وڃن. چيف جسٽس چيو ته چونڊن ۾ سرڪاري خرچ تي بلٽ پروف گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي بلٽ پروف گاڏي جي ضرورت آهي ته پنهنجي کيسي مان خريد ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: غوثپور:ٽانوري برادري پاران ڳوٺ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ٽانوري برادري جي ماڻهن   صلاح،  نظام الدين ٽانوري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے