21 بدھ , نومبر 2018

اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس: محسن وڙائچ کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

The meeting was attended by Chief Justice Saqib Nisarلاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، احتساب عدالتن کي 10ڏينهن اندر چئني ريفرنسز جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدار محسن وڙائچ کي گرفتار ڪري عدالت  ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ اين آءِ سي ايل ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ 72 شاهدن جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن، لاهور جي ڪيسن ۾ ٽن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا.نيب جي وڪيل چيو ته جوابدار اياز خان ريمانڊ تي گرفتار آهي، چيف جستس چيو ته اها ڪارروائي گذريل آرڊر کان اڳ ڪئي وئي، عدالتي حڪم کانپوءِ ڇا ڪيو ويو؟ چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو ته نيب ڪيس ۾ جوابدارن سان رعايت ڪري رهي آهي،  ڪيس اهم نوعيت جو آهي، نيب کي رعايت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.  عدالت لاهور ۽ ڪراچي ۾ التوا هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ احتساب عدالتن کي 10 ڏينهن ۾ چئني ريفرنسز جو فيصلو ٻڌائڻ جو حڪم ڏيندي ۽ محسن وڙائچ کي به گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب بينڪن کان شهباز شريف جي اڪائونٽن جي تفصيل گهري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے