15 جمعرات , نومبر 2018

علي جهانگير جي آمريڪا ۾ سفير طور مقرري شرم جوڳي ڳالهه آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته علي جهانگير  صديقي جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير طور مقرري شرم جوڳي آهي، ملڪ جو اميج پيارو آهي، پاڪستان کي شرمساري کان بچائڻ چاهيون ٿا.  جسٽس اطهر من الله علي جهانگير صديقي جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير طور مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل احسن مان ايڊووڪيٽ چيو ته علي جهانگير صديقي سفير ٿيڻ جي اهل ناهي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ٻڌائي ته علي جهانگير صديقي جي مقرري پاڪستان لاءِ شرم جوڳي ڳالهه ناهي. اٽارني جنرل چيو ته مون ان ڳالهه تي ڪو به شڪ ناهي، عدالت جا خدشا درست آهن.  عدالت چيو ته سٺو هو ته علي جهانگير صديقي جي سفير طور مقرري قبول نه ڪئي وڃي ها، معاملي کي نئين حڪومت اچڻ تائين ملتوي ڪيو وڃي ها، جيڪڏهن عدالت علي جهانگير صديقي جي مقرري خلاف درخواست منظور ڪري ته پوءِ ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا.، نگران حڪومت علي جهانگير صديقي جي مقرري جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، نئين حڪومت کي اچڻ ڏيو: عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے