18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڇاڇرو: بااثر احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن مٿان مڇرجي پيو، فائرنگ، احتجاج

Chachro: vocal protests over rural mchrjy fell, shootings, protests* ڇاڇري ويجهو بااثر ڀوتار آر او پلانٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن مٿان مڇرجي پيو، ڀوتار پاران ڳوٺاڻن جي گاڏيءَ تي فائرنگ، ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ ڀڳيسل جو بااثر وڏيرو آرو پلانٽ تي قبضي خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڳوٺاڻن تي مڇرجي پيو،

ڀوتار جي ڇاڙتن  ڳوٺ کان ايندڙ رستي  جي وچ ۾  عورتن سان ڀريل مسافر گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني

ڳوٺاڻن نصرﷲ ،درياخان، دلبر راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀوتار جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو .

ڳوٺاڻن ٻڌايو ته وڏيري  وليداد آرو پلانٽ تي قبضو ڪري ڳوٺاڻن جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو جنهن خلاف هفتو اڳ احتجاج ڪيو هو جنهن ڪري ڀوتار ڏمرجي پيو آهي .

 ڳوٺاڻن ٻڌايو  ته هو ڪڻڪ وٺڻ لاءِ ڇاڇرو اچي رهياهئا  ته وڏيري ۽ سندس  ڇاڙتن گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني.

 هنن آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته بااثر ڀوتار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے