13 منگل , نومبر 2018

صدر ممنون 25 هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر ممنون حسين 25 هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي قبائلي علائقا باضابطا طور ڪي پي جو حصو بڻجي ويا آهن. صدر ممنون حسين 25 هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد قبائلي علائقا ڪي پي جو حصو بڻجي ويا آهن. صحيح جي تقريب ۾ گورنر ظفر اقبال جهڳڙا، سرتاج عزيز، بيريسٽر ظفر الله خان ۽ جنرل ناصر جنجوعا شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي صدر ممنون حسين فاٽا  جي انضمام تي اڳوڻي قبائلي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته اڳوڻي قبائلي عوام کي پاڪستان جي ٻين شهرين وانگر آئيني حق ملي ويا آهن، انضمام کانپوءِ فاٽا جي ترقي ۽ خوشحالي جا در کلي ويا آهن ۽ خطي ۾ استحڪام پيدا ٿيندو. سرتاج عزيز چيو ته اڳوڻيون ايجنسيون ضلعي ۾ تبديل ٿي ويون آهن، اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هاڻي ڊي سي سڏائيندا. هن چيو ته نون ضلعن ۾ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ 1000 ارب رپيه خرچ ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے