18 منگل , دسمبر 2018

نيوز: ٽنڊو الهيار: گاهه ڪندڙ عورت کي ڪوڏرن جا وار ڪري بيدرديءِ سان قتل

Tando Allahyar: Hay who kvd̤rn woman's hair with the murder bydrdy’* ٽنڊي الهيار ۾گاهه ڪندڙ عورت کي ڪوڏرن جا وار ڪري بيدرديءِ سان قتل ڪيو ويو، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چمبڙ روڊ تي جمالي پئٽرول پمپ ڀرسان ڪمند جي فصل ۾گاهه ڪندڙ  40 ورهين جي ديوي زال پرڀو ڪولهي کي جوابدار نارائڻ ڪولهي ڪوڏرن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو.

بي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار نارائڻ ڪولهي کي قتل ۾ استعمال ٿيل ڪوڏر سميت گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي کي قتل ۾ استعمال ٿيل ڪوڏر سميت گرفتار  ڪيو ويو آهي قتل جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي عورت جي مڙس پرڀو ڪولهي ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار سندس زال کي بيگناھ قتل ڪيو آهي، ساڻس انصاف ڪيو وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ شامل ٽارگيٽ ڪلر ڪامران ماڌوري جي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ چڪرا ڳوٺ سانحي ۾ ملوث ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٽارگيٽ ڪلر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے