16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز: چمبڙ: مخالف گروپ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن: شاهه لطيف پئنل

Chambar: Anti-group elections are being made to postpone the post: Shah Latif Penal* چمبڙ ۾شاهه لطيف پئنل جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندن اميدوارن ٻن تعلقن مان اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي، مخالف گروپ ضلعي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.

ملهه ايسوسيئشن ٽنڊوالهيار جي شاهه لطيف پينل جي حاجي ولي محمد ۽ سا ئين داد سميت ٻين چيو ته سندن پينل ٽن مان ٻن تعلقن ۾ اڪثريت سان چونڊون کٽيون آهن، هڪ تعلقي ۾ ڪامياب ٿيندڙ الشهباز پينل جا ملهه پهلوان چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا.

هنن چيو ته سندن اميدوارن جهنڊو مري ۽ چمبڙ تعلقن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي، هاڻي هو ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ به ڪامياب ٿيندا.

سندن چوڻ هو ته هو چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري سازش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے