20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو: شيراز ڀائرن جي پ پ ۾ شموليت کانپوءِ  ضلعي قيادت ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

Thatta: After the involvement in Shiraz brothers's participation, district leadership was divided into two daughtersضلعي ٺٽي جي پ پ قيادت شيرازي ڀائرن کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ تي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي.

پ پ جي سينيئر اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، حاجي گل محمد سمون ۽ ٻين شيرازي ڀائرن کي پ پ شامل ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ سميت ٻي ڪنهن به عهديدار شيرازي ڀائرن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت نه ڪئي.

سينيئر اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالواحد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شيرازي ڀائرن 2013ع واري عام چونڊن ۾ پ پ سان دوکو ڪيو آهي ۽ هوُ ڪڏهن به وفادار نٿا ٿي سگھن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي اعليٰ قيادت ضلعي ٺٽي جي پ پ اڳواڻن کي اختلاف ختم ڪري گڏيل طور تي اليڪشن مهم هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

ٻي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ جوڙيل پارلياماني بورڊ ٺٽي جي هڪ قومي ۽ 3 صوبائي تڪن تي درخواستون ڏيندڙن کان انٽرويو ورتا…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے