18 اتوار , نومبر 2018

عام چونڊن جو وقت تي ٿيڻ ئي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ آهي

وفاق توڙي صوبن ۾ چونڊيل عوامي حڪومتن جو آئيني مدو پورو ٿيڻ تي 60 ڏينهن اندرعام چونڊون ٿيڻ يا ڪرائڻ آئيني ذميواري آهي. هاڻي جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل صلاح ۽ اتفاق سان نگران وزيراعظم نامزد ٿي چڪو آهي. جيڪو اڄ پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي، جڏهن ته چئني صوبن ۾ نگران وڏن وزيرن جي نامزدگي جو عمل به هلندڙ آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏن وزيرن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ اُن ڏس ۾ صلاح مشورا جاري آهن. اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽيءَ ڏانهن هليو ويندو، جتي اُن ڏس ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي ٿئي ته پوءِ فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندي، يعني حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڏنل نالن ۾ ڪنهن  به هڪ کي نگران وڏي وزير طور مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار هوندو.

جيتري قدر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه  جو تعلق آهي ته اتي اُن ڏس ۾ غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو ٿيندي نظر آيو آهي، پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف نگران وڏي وزير لاءِ ناصر کوسي جو نالو به پاڻ ڏنو، جنهن تي سرڪار اتفاق ڪيو، جنهن جو  اتفاق راءِ سان  اعلان به ڪيو ويو پر تحريڪ انصاف پاڻ ئي پنهنجي تجويز ڪيل نالي تان ڦري وئي، ايئن اتي به نگران وڏي وزير جي مقرري ڦڏي ۾ پيل آهي، ايئن خيبرپختونخواهه  ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جنهن نالي تي اتفاق ڪندي ان جو اعلان ڪيو هو، تنهن جي غير جانبداريءَ  تي مخالف ڌر جي اڪثر جماعتن طرفان سوال اٿارڻ ۽ اعتراض وارڻ سبب اُن جي نامزدگي به واپس ورتي وئي.

پاڪستان ۾ جمهوريت جيئن ته ستر سالن ۾ پير پختا ڪري نه سگهي آهي ۽ پير ڄمائڻ جي مرحلي مان گذري رهي آهي، اُن جو سبب هي آهي ته پاڪستان ۾ چونڊيل حڪومتن کي ڪڏهن به پير ڄمائڻ  ڏنائي ناهن ويا. اُن جي ڀيٽ ۾ آمريتن کي هتي ڪڏهن به ڪو لهر لوڏ نه رهيو آهي. ڇو جو اهي جيڪو ڏاڍو سو  گابو جي اصول تي هلنديون رهيون آهن ۽ کانئن پڇاڻي جي ڪنهن ۾ به جرئت نه رهي آهي. ايتري قدر جو غير آئيني ۽ غير قانوني مارشلا لائن کي نظر يه ضرورت  تحت جائز هئڻ جون عدالتي سندون به ملنديون  رهيون آهن، سو  اهڙي صورتحال ۾ گذريل ڏهن سالن کان جمهوري نظام  جي تسلسل سان قائم رهڻ ۽ نين عام چونڊن ڏانهن وڌڻ ڪنهن معرڪي کان گهٽ ناهي.

سو اُن مرحلي تي جڏهن وفاق ۾ نگران سيٽ اپ اچي چڪو آهي ۽ صوبن ۾ حتمي مرحلن ۾ آهي. بلوچستان اسيمبليءَ ۾ موسم جو عذر ڄاڻائي چونڊون هڪ مهينو دير سان ڪرائڻ جي قراداد منظور ڪرڻ يا ايم ڪيو ايم بهادرآباد طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ آدمشماريءَ  جي شفاف نه هئڻ يا تڪ بنديون درست نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي چونڊون ملتوي  ڪرائڻ جي درخواست ڏيڻ ڪنهن به ريت جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ  ناهي. آدمشماري ۽ تڪبندين جو معاملو اڄ جو ناهي.  اهو گذريل ڇهن مهينن کان هلي رهيو آهي. عين اُن وقت جڏهن چونڊون مٿان آهن. اهڙي قسم جون درخواستون ڏيڻ ۽ مطالبا ڪرڻ ڪنهن به ريت جمهوري عمل نه آهي.

اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته آدمشماري جي پنج سيڪڙو بلاڪن جي تصديق ڪرائڻ تي صوبن سان گڏيل مفادن  واري ڪائونسل ۾ وزيراعظم اتفاق ڪيو هو پر اها تصديق نه ڪرائي وئي. آدمشماريءَ تي ايم ڪيو ايم کي ته خدشا هيا ئي پر اُن کان وڌيڪ خدشن جو اظهار سنڌ سرڪار ڪيو هو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سرڪاري سطح تي هي مسئلو اٿاريو هو. سڄي سنڌ کي آدمشماريءَ  تي خدشا هئا. ٻيو ته آدمشماري هجي، ناڻي يا پاڻي جا مسئلا هجن اهي اڄ جا نه پر گذريل ستر سالن  جا آهن، جن تي صوبن ۽ وفاق ۾ هميشه ڇڪتاڻ  پئي رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي، سو اهي مسئلا جيڪي پاڪستان جا مسئلا بڻجي چڪا آهن، تن کي جواز ڄاڻائي چونڊون دير سان ڪرائڻ جي  درخواست ڏيڻ جمهوري عمل ناهي.

ڪراچيءَ ۾ جيئن ته امن قائم  ٿي چڪو آهي، اهو دور به هاڻي ناهي رهيو، جڏهن شهر تي خوف ۽ دهشت ۽ دٻدٻي جو راڄ هوندو هو. ووٽر جي پولنگ تي پوڻ کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ٿي چڪو هوندو هو. ڪن تڪن تي ته ايئن به ٿيندو هو ته اميدوار تڪ جي رجسٽر ڪل ووٽن کان به لک سوا وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويندو هو. ٻيو ته ڪراچي تي ٽن سالن تائين ڏنڊي جي زور تي راڄ ڪندڙ ايم ڪيو ايم ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي. اُن ڌڙابندي ۽ دهشت واري دور جي پڄاڻي سبب اُن کي شهر اندر اُن سطح جو مينڊيٽ ملندي نظر نه ٿو اچي، جنهن ڪري اها تڪبندين ۽ آدمشماريءَ جو بهانو بڻائي چونڊن ۾ دير چاهي ٿي ۽ بائيڪاٽ جون ڌمڪيون  به ڏئي ٿي.

ٻيو ته امن قائم ٿيڻ کانپوءِ  شهر مان نوگوايرياز مڪمل ختم ٿي چڪا آهن ۽ ٻين جي جماعتن لاءِ به گنجائش پيدا ٿي آهي، جن تسلسل سان شهر اندر پنهنجيون سرگرميون به شروع ڪيون آهن. بلوچستان جو جيتري قدر تعلق آهي ته  چوماسي جي مند کان وڌيڪ دهشتگردي اتان جو وڏو مقدر پئي رهي آهي.

چوڻ جو مطلب ته ڪو نه ڪو عذر  ڄاڻائي يا ڪنهن  نه ڪنهن بهاني سان چونڊن وارو عمل رڪجڻ نه گهرجي، چونڊن جي وقت تي ٿيڻ سان ملڪ اندر جمهوريت جي پيرن جي پختگي يقيني ٿيندي. جمهوريت مضبوط هوندي ته  ملڪ ترقي ڪندو ۽ عوام جي خوشحالي توڙي ملڪ جي ترقي به جمهوريت سان ئي ڳنڍيل آهي. سو سمورين جمهوري قوتن ۽ سياسي جماعتن کي گڏيل طور چونڊن کي ملتوي ڪرائڻ جي ڪا سازش ٿي به رهي آهي  ته ناڪام بڻائڻ گهرجي..

جمعو پهرين جون 2018ع، 16 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے