13 جمعرات , دسمبر 2018

پي ٽي آءِ سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبليءَ جي تڪن لاءِ اميدوارن جي نالن جي اعلان ڪري ڇڏيو

The PTI announces nomination papers for national and provincial assemblies in Sindh ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي 11 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 17 تڪن تي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف پاران جار ي ڪيل پڌرنامي موجب پي ٽي آءِ جي سنڌ پارلياني بورڊ جو اجلاس عمران خان جي صدارت هيٺ بني گاله ۾ ٿيو .اجلاس ۾ سنڌ جي11 قومي ۽ 17 صوبائي تڪن تي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو .شاهه محمود قريشي اين اي  221 ، عارف علوي 247 اين اي  ، علي زيدي اين اي 244 ، لياقت علي جتوئي قومي اسيمبلي جي تڪ  اين اي  234 تان چونڊن ۾ حصو وٺندو .اجلاس دورن سنڌ اسيمبلي جي 17 سٽين تي پڻ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو جن ۾ عمران اسماعيل پي ايس 111 ۽ حليم عادل شيخ پي ايس 99 تان چونڊن ۾ حصو وٺندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

عزير بلوچ کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي بچاءَ وارو سيڪريٽري طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ عزير بلوچ کي پيش نه ڪرڻ تي بچاءَ واري سيڪريٽري کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے