14 جمعہ , دسمبر 2018

نگران وزير اعظم رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ عهدي جو قسم کڻي ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم رٽائرڊ جسٽس ناصرالملڪ ا پنهنجي عهدي جو قسم کڻي  ورتو آهي.مسلم ليگ ن جي چونڊيل حڪومت پنهنجي آئيني مدو گذريل رات 12 وڳي پورو ڪري چڪي آهي جنهن بعد اڄ کان نگران حڪومت ملڪ جو ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.نگران وزير اعظم جي قسم کڻڻ جي تقريب  ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ پنهنجي عهدي جو قسم کنيو.تقريب ۾ اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اڳوڻي ڪابينا جي ميمبرن، سينٽ جي چيئرمين ،هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ممنون حسين نگران وزيراعظم کان پنهنجي عهدي جو قسم ورتو. جسٽس ناصر الملڪ هاڻي پنهنجي نگران ڪابينا جي چونڊ ڪندو. ناصر الملڪ جي سربراهيءَ ۾ نگران حڪومت ٻن مهينن اندر چونڊ ڪرائيندي جنهن بعد واڳون نئين حڪومت حوالي ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مولانا سميع الحق جي قتل جي جاچ، پرسنل سيڪريٽري گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلاف (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق جي قتل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے