21 بدھ , نومبر 2018

ويسٽ انڊيز خيراتي ميچ ۾ ورلڊ اليون کي 72 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

West Indies defeated 72 runs in West Indies match matchلارڊز(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ اليون ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾  ٿيل ٽي 20 ميچ ۾ ويسٽ انڊيز  ورلڊ اليون کي 72 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ارما ۽ ماريه ٻوڏ متاثرن ماڻهن جي امداد لاءِ لارڊز جي تاريخي ميدان تي ڪرايل ميچ ۾ ورلڊ اليون جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو. ويسٽ انڊيز جي اوپنرن ايون لوئس ۽ ڪرس گيل جارحاڻي انداز ۾ اننگز جي شروعات ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 75 رنسن جي تيز ڀائيواري قائم ٿي. لوئس 26 بالن تي 58 رنسون ٺاهي راشد خان جي بال تي ايل بي ڊبليو  ٿيو . ويسٽ انڊيز جو ٻيو آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين ڪرس گيل هو جيڪو شعيب ملڪ جي بال تي 18 رنسون ٺاهي بولڊ آئوٽ ٿيو. ٻه وڪيٽون ڪرڻ باوجود ويسٽ انڊيز جي ٻين بيٽسمينن جارحاڻي انداز سان رنسون ٺاهڻ جو سلسلو جاري رکيو. ويسٽ انڊيز جي ٻين بيٽسمينن ۾ مارلن سيموئلز 43، دنيش رامدين، 22 ۽ آنڊري رسل 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي نموني عالمي چيمپيئن ويسٽ انڊيز ورلڊ اليون کي 200 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ورلڊ اليون طرفان راشد خان ٻه جڏهن ته شعيب ملڪ ۽ شاهد آفريدي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. ويسٽ انڊيز طرفان مليل 200 رنسن جي ٽارگيٽ پٺيان ڊوڙندي ورلڊ اليون بيٽنگ لائن مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي ۽ اننگز جي شروعات ۾ رڳو 8 رنسن تي چار  وڪيٽون ڪري پيون. تميم اقبال2، ليوڪ رانجي 0، سيم بلنگز 4 ۽ دنيش ڪارٿڪ 0 ٺاهي  آئوٽ ٿيا. ورلڊ اليون طرفان ٿساري پريرا ڪجهه مزاحمت ڪئي پر هو به 37 بالن تي 61 رنسون ٺاهي ڪيسرڪ وليمز هٿان آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد اينڊر بيٽسمينن پڻ ڪا خاطر خواهه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ پوري ٽيم 127 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ويسٽ انڊيز طرفان وليمز 3، بدري ۽ رسل 2، 2 جڏهن ته پال ۽ براٿويٽ هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ميچ کان اڳ ورلڊ اليون جي رانديگرن پاڪستاني آل رائونڊي شاهد آفريدي کي گارڊ آنر پڻ پيش ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے