20 منگل , نومبر 2018

آمريڪا جو لائن آف ڪنٽرول تي پاڪ- ڀارت جنگبندي معاهدي تي عمل ڪرائڻ جي آجيان

The United States Line of Control aims to implement the BSA-India agreementواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي طرفان لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي معاهدي تي عمل ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان  ڪئي آهي، آمريڪا جي  پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪ- ڀارت لاڳاپن جي بحالي سڀني جي مفاد ۾ آهي.  ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ پاڪ ڀارت ڊائريڪٽر جرنلز آف ملٽري آپريشنز هاٽ لائن رابطي جي دوران 2003 ۾ ٿيندڙ جنگبندي(سيزفائر) معاهدي تي ان جي روح موجب عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪ ڀارت ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ سرحد ويجهو رهندڙ شهرين کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ  جي ڪوشش تي پڻ اتفاق ڪيو ويو هو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايل او سي تي جنگبندي جي لاءِ 2003 ۾ هڪ معاهدي تي صيحيح ٿي هئي، پر ان باوجود به جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بي آر اي ڪمانڊر سميت 70 ويڙهاڪن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے