14 بدھ , نومبر 2018

هاڻي سيالڪوٽ جي عوامي عدالت ۾ خواجه آصف سان مقابلو ڪندس: عثمان ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار چيو آهي ته خواجه آصف جي نااهلي ختم ٿيڻ تي کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، هاڻي سيالڪوٽ جي عوامي عدالت ۾ خواجه آصف سان وڏوم مقابلو ٿيندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان ڊار چيو ته مان پڪ ڏياريان ٿو ته جهڙي نموني پنج  سال مان خواجه آصف جو عدالت ۾ مقابلو ڪيو هاڻي ساڳي نموني عوام جي عدالت ۾ مقابلو ڪندس، هن ڀيري چونڊ وڌيڪ زبردست ٿيندي، ان ڳالهه جي خوشي آهي ته سيالڪوٽ جي عوام جي عدالت ۾ خواجه آصف سان وڏو مقابلو ٿيندو. عثمان ڊار چيو ته تفصيلي فيصلو اڃا نه مليو آهي ان بعد نظرثاني ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے