13 منگل , نومبر 2018

پرويز مشرف جي تاحيات نااهلي خلاف اپيل 7 جون تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي تاحيات نااهلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.  چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ 7 جون کان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. ان حوالي سان سپريم ڪورٽ پرويز مشرف ۽ اٽارني کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن 2013ع کان اڳ تاحيات نااهل قرار ڏنو هو جنهن خلاف هن 2016ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. 4 اپريل 2016ع تي سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي تاحيات نااهلي بابت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے