18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڀريا سٽي: سئوٽن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، هڪ ڄڻو مارجي ويو،  ٻه ڄڻا زخمي

Bharya city: A jirga, one killed and two others injured in a simple talk in sauce* ڀريا سٽي ويجهو سئوٽن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ چاقون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 ڳوٺ تڳيو سولنگي ۾ سوٽن جو پاڻ  ۾  انبن جي معمولي ڳالهه تان جيهڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 25 سالن جو  نوجوان الله ڏنو سولنگي  قتل ٿي ويو جڏهن ته راول سولنگي ۽  عالم سولنگي زخمي ٿي پيا .

فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مارجي ويل جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻئي طرف مقتول جي ڀاءَ وريام سولنگي ۽ سندس امڙ  حسنه ميڊيا کي ٻڌايو ته انبن جي معمولي ڳالهه تان ٻه ڏينهن اڳ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾  هنن  جا ٻه همراهه زخمي ٿي پيا هئا.

 هنن  ٻڌايو ته ڀرياسٽي ٿاڻي تي اين سي به  داخل ڪرائي پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪئي جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن..

هنن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻيهر جوابدارن شبير سولنگي ، رياض ، اڪرم سجاد ،حضور بخش سولنگي ،  لٺين ۽   چاڪن سان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ سندن نوجوان مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، هنن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان گهر ڪئي ته هنن سان  انصاف ڪيو وڃي ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے