18 منگل , دسمبر 2018

عام چونڊن لاءِ اميدوار اڄ کان نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهندا

Non-Fiscal Filling Case: The ECP rejected the TTP objection on the ECPاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ جي رٽرننگ آفيسرن طرفان پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار نامزدگي ڪاغذ اڄ کان وصول ڪري سگهن ٿا، جيڪي 2 جون کان 6 جون تائين حاصل ۽ جمع ڪرائي سگهبا.  اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نامزدگي ڪاغذن جي في 100 رپيه آهي جيڪا اردو ۽ انگريزي ٻنهي زبانن ۾ دستياب آهي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن مان ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي به حاصل ڪري سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جي نامزدگي ڪاغذن جي سڪيورٽي 30 هزار ۽ صوبائي اسيمبلين جي نامزدگي ڪاغذن جي سڪيورٽي في 20 هزار رپيه آهي.  اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جي چونڊن ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ سڪيورٽي في ضبط ڪئي ويندي. نامزدگي فارم سان گڏ اميدوار جي تجويز ۽ تائيد ڪندڙ جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي ڏيڻ لازمي آهي. اميدوارن جي چونڊ خرچن لاءِ کوليل خاص بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل ڏيڻ لازمي آهي، جڏهن ته اثاثن جا تفصيل ۽ قرض باقيداري جو سرٽيفڪيٽ به جمع ڪرائڻ لازمي آهي. اڄ کان باضابطا طور عام چونڊن لاءِ ڪم شروع ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوڪرين جو رڳو اعلان ناهي ڪيو، عمل به ٿيندو: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته نوڪرين جو رڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے