16 جمعہ , نومبر 2018

وزيرن طرفان لگزري گاڏين جي استعمال جي منظوري بابت رڪارڊ طلب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪس ڏيندڙ روئي رهيا آهن ۽ وزير اڍائي ڪروڙ رپين جي گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ  لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ لگزري گاڏين جي استعمال بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. اڳوڻو وفاقي وزير زاهد حامد عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس زاهد حامد کان پڇاڻو ڪيو ته توهان 3 لگزري گاڏيون ڪهڙي حيثيت ۾ استعمال ڪري رهيا آهيو. زاهد حامد چيو ته منهنجي استعمال هيٺ هڪ گاڏي هئي، ڪابينا ڊويزن جي منظوري سان گاڏي استعمال ڪئي. جسٽس ثاقب نثار ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته وزير ڪيتري سي سي گاڏي رکڻ جو حق رکن ٿا، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته وزير 1800 سي سي گاڏي استعمال ڪرڻ جو حق رکن ٿا. قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته ان حوالي سان مون کي ڄاڻ ناهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان قانون ڏسڻ کانسواءِ گاڏي استعمال ڪرڻ ڪيئن شروع ڪئي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي وڏي گاڏي جي منظوري ڏني. چيف جسٽس چيو ته پرڏيهه ۾ وزيراعظم ڪيبن به نه ٿو ڏئي سگهي، عدالت جائزو وٺندي ته وزيراعظم ڪيئن ۽ ڪهڙي قانون تحت منظوري ڏني، جڏهن ته عدالت سڀاڻي وزيراعظم جي منظوري جو رڪارڊ به طلب ڪيو آهي. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ٽيڪس ڏيندڙ روئي رهيو آهي ۽ وزير اڍائي اڍائي ڪروڙ رپين جي گاڏي استعمال ڪري رهيا آهن، وزير کائيندڙ پيئڻ ماڻهو آهن پنهنجي طرفان گاڏيون ڇو نه ٿا رکن.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته استحقاق کانسواءِ ڏنل 30 گاڏيون واپس ورتيون ويون آهن. عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے