14 بدھ , نومبر 2018

ڊونلڊ ٽرمپ 8 ورهين جي مداح کي پيار ڪرڻ تي مجبور

Donald Trummer forced to love 8-year-old fansواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي دلچسپ حرڪتن، انداز، تکن جوابن، صدارتي فيصلن ۽ خاص طور تي وارن جي اسٽائل سبب هر ڪنهن نگاهه جو مرڪز هوندو آهي. پر ويجهڙائي ۾ هو هڪ ٻار جي توجهه جو اهڙو ته مرڪز بڻيو جو هو پنهنجي ننڍڙي مداح کي پيار ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. ٿيو ڪجهه ائين جو  آمريڪي رياست انڊيانا ۾”رائٽ ٽو ٽرائي“  بل صيحيح  واري تقريب دوران 8 ورهين جي نينگري جورڊن ميڪلن ٽرمپ جي ڪُرسي جي ڀرسان بيٺل نظر آيو.  اهڙي طرح نينگر جي هر هرڏسڻ تي ڊولنڊ ٽرمپ ڄاڻايل بل تي صيحيح ڪري پنهنجو قلم نينگر کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو . پر نينگر  جي وري منتظر اکين ڏسي آمريڪي صدر پنهنجي ننڍڙي مداح کي نه رڳو ڳلي لڳايو پر مٿي ته چمي پڻ ڏني جڏهن ته نينگر جي وارن جي پڻ تعريف ڪئي. جنهن تي هال ۾ موجود سڀني ماڻهن جي چهرا خوشي مان ٻهڪي اٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Six Palestinians martyred in clashes during Israel operation in Gaza

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري،  وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي علائقي غذا ۾ اسرائييلي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے