20 منگل , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  12 مئي سانحي واري ڪيس جي ٻڌڻي

The hearing of the May 12 case case on the Supreme Court's orderڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 12 مئي سانحي جي ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت معاون فيصل صديقي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب کي طلب ڪري ورتو .سپريم ڪورٽ ٽن مهينن اندر  ڪيس جو فيصلو ٻڌائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي عدالتي معاون ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل پاڻ ڪيس جي پيروي ڪن.درخواست ۾ اڳُوڻي صدر پرويز مشرف باني ايم ڪيو ايم اڳوڻو گهرو معاملن وارو صلاحڪار ۽ ميئر ڪراچي وسيم اختر کي به ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪم تي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ قتل عا ڪيو  ۽ 12 مئي 2007 تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جو رستو روڪڻ لاءِ دهشتگردي ڪئي وئي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي : لائٽ هائوس ۾ قائم حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري حددخلين خلاف آپريشن دوران اڄ آرام باغ کانپوءِ لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے