15 جمعرات , نومبر 2018

نواز شريف جي گلف اسٽيل ملز جي ڪاروبار ۾ شامل هئڻ جا دستاويز نه مليا آهن: واجد ضياءَ

No such documents have been found that the owner of Nawaz Sharif al-Azizi Mills is: Wajid Ziaاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ملز ريفرنس ۾ آڏي پڇا دوران جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ٻڌايو ته اهڙا دستاويز نه مليا آهن نواز شريف گلف اسٽيل جي ڪاروبار ۾ ڪهڙي به نموني شامل رهيو آهي ۽ ڪنهن به حيثيت ۾ گلف اسٽيل جو ڪاروبار سنڀاليو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ تي آڏي پڇا جاري رکي. آڏي پڇا دوران واجد ضياءَ ٻڌايو ته اهڙو دستاويزي ثبوت نه مليو آهي ته نوا زشريف کي هل ميٽل جو ڪاروبار هلائڻ جي اٿارٽي ڏني وئي ۽ هل ميٽل مان نواز شريف کي قرض وٺڻ جو اختيار مليو هجي جڏهن ته اهڙو ڪو به دستاويز به ناهي ته نواز شريف هل ميٽل طرفان مالي ادارن سان ڊيل ڪندو هجي. واجد ضياءَ چيو ته زباني شاهدي به نه ملي جيڪا ظاهر ڪري ته نواز شريف هل ميٽل طرفان ڊيل ڪندو هجي. جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ ٻڌايو ته اهڙا دستاويز نه مليا آهن ته نواز شريف گلف اسٽيل جي ڪاروبار ۾ ڪنهن به نموني شامل رهيو، ڪنهن به حيثيت ۾ گلف اسٽيل جو ڪاروبار سنڀاليو، گلف اسٽيل لاءِ قرض ورتو هجي يا نواز شريف گلف اسٽيل جي وڪري ۾ شامل رهيو. خواجه حارث واجد ضياءَ کان سوال ڪيو ته توهان جي جاچ موجب هل ميٽل ڪڏهن رجسٽرڊ ٿي، ان تي جي آءِ ٽي سربراهه ٻڌايو ته جيڪي دستاويز پيش ٿيا ان موجب 2005ع ۾ رجسٽرڊ ٿي. خواجه حارث چيو ته توهان پنهنجي جاچ جو ٻڌايو ڪڏهن قائم ٿي، واجد ضياءَ ٻڌايو ته جوابدارن طرفان پيش ڪيل دستاويزن موجب 2005ع ۾ رجسٽرڊ ٿي، ڪنهن شاهد بيان نه ڏنو ته نواز شريف هل ميٽل قائم ڪرڻ ۾ شامل هجي، ڪنهن شاهد اهو به نه چيو ته نواز شريف هل ميٽل قائم ڪرڻ لاءِ رقم ڏني هجي، جي آءِ ٽي جاچ ۾ واضح نه ڪري سگهي هل ميٽل ڪمپني، واهد ملڪيت يا پارٽنرشپ تي ٻڌل آهي. نواز شريف جي وڪيل سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي نواز شريف کان پڇو ته هل ميٽل ڪيئن قائم ٿي؟ واجد ضياءَ جوچوڻ هو ته جي آءِ ٽي نواز شريف کان جاچ دوران ڪو اهڙو سوال نه پڇو، هن کان پڇا نه ڪئي ته هل ميٽل لاءِ فنڊ ڪنهن ڏنا، نواز شريف کان اهو به نه پڇو ته هل ميٽل جو مالڪ ڪير آهي، ڪاروبار ڪير هلائيندو آهي؟ واجد ضياءَ چيو ته ان تي پاڻمرادو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو، اهي ڳالهيون نواز شريف جي بيان ۾ نه آهن. خواجه حارث سوال ڪيو ته توهان سوال ڪيو ته هل ميٽل مان ايندڙ پئسو سياست ۾ استعمال ٿيندو هو، ان تي واجد ضياءَ جواب ڏنو ته ان سوال تي نواز شريف جو جواب نه ۾ هو. جي آءِ ٽي سربراهه ٻڌايو ته ڪنهن به شاهد نه چيو ته پرڏيهه ملڪ ترشن ۾ حسين نواز   نواز شريف جي خرچ هيٺ هو. احتساب عدالت نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس ۾ واجد ضياءَ تي آڏي پڇا سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے