13 منگل , نومبر 2018

پي ٽي آءِ طرفان نگران وڏي وزير لاءِ اوريا مقبول جان ۽ يعقوب طاهر نامزد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ تحريڪ انصاف 2 نوان نالا ڏئي ڇڏيا آهن. محمود الرشيد جو چوڻ آهي ته اوريا مقبول جان ۽ يعقوب طاهر جانالا ڏنا ويا آهن، کين اميد آهي ته آچر تي ملاقات ۾ ڪو نتيجو نڪري ايندو. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمود الرشيد چيو ته اسپيڪر جي درخواست تي اڄ گڏجاڻي ٿي ته ڊيڊ لاڪ جي پوزيشن ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان نگران وڏي وزير  لاءِ اوريا مقبول جان ۽ يعقوب طاهر جا نالا ڏنا ڏئي ڇڏيا آهن. سندس چوڻ هو ته مون کي اميد آهي ته آچر تي ملاقات ۾ ڪو نتيجو نڪري ايندو، هاڻي اسپيڪر سان ٻيهر ملاقات جو وقت طئي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت وٽ نه اهليت ۽ نه وري ڪا رٿابندي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار بني گالا ۾ حددخلين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے