20 ہفتہ , اکتوبر 2018

اتر ڪوريا جي وفد جي آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات، ٽرمپ ملاقات کي سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو

Meeting with the North Korean delegation of North Korea's delegation, the Trumpet meeting was a good listenerنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي وفد سان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ٿيندڙ ملاقات کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اتر ڪوريا جي ڳجهي اداري جي اڳوڻي سربراهه ۽ سياسيتدان ڪم يانگ چُل جي سربراهي ۾ ايندڙ وفد سان گذريل رات آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ٿيندڙ گڏجاڻي کي”خوشگوار ملاقات“ قرار ڏنو آهي، پر هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ملاقات جي ايجنڊي ۽ طئي ٿيندڙن معاملن جي  تفصيلن بابت ڪجهه نه ٻڌايو.  آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا جي وفد صدر ڪم جونگ جي هڪ اهم خط بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ اتر ڪوريا جي جوهري پروگرام کي ختم ڪرڻ بابت اهم پيغام ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڄاڻايل ملاقات ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ان اهم ملاقات لاءِ اتر ڪوريا جي ڳجهي اداري جو اڳوڻو سربراهه خاص طور تي آمريڪا پهتو هو. ياد رهي ته ڳُجهي اداري جي اڳوڻي سربراهه ڪم ينگ چُل کي ڏکڻ ڪوريا جي صدر دوست ۽ اعتماد جوڳو ساٿي سمجهو ويندو آهي ۽ حڪومتي بحران وارين حالتن ۾ اتر ڪوريا جي صدر لاءِ مرد بحران جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هن اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سربراهن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ فائرنگ سبب قنڌار پوليس چيف مارجي ويو

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صوبي قنڌار جي گورنر ڪمپائونڊ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ صوبائي پوليس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے