17 ہفتہ , نومبر 2018

هر واري ڪوچ کي هٽائڻ مسئلي جو حل ناهي، لاڳيتو شڪستن جا ذميوار رانديگر آهن: جو روٽ

There is no problem solving every coach, there are countless competitors responsible for: rootليڊز(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا سان واسطو رکندڙ اانگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ ٽريوز بيلس لاءِ  انگلش ٽيم جي ٽيسٽ ميچن ۾ گذريل ڇهن مهينن کان خراب ڪارڪردگي تي ڪوچ جو عهدو برقرار رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا لارڊز ٽيسٽ ۾ پاڪستان هٿان مليل شڪست بعد طوفان مچائي ڇڏيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بيلس کي ٽيسٽ ڪوچنگ تان هٽائي محدود اورن جي ڪرڪيٽ  تائين برقرار رکيو ويندو. انگينڊ ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت تائين  سندس ڪوچنگ ۾ ست ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست کي منهن ڏئي چڪي آهي. انگلش ڪپتان جو روٽ آسٽريلوي ڪوچ جي حمايت ڪندي چيو ته ڪوچ کي تبديل ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو،  شڪستن جي ذميوار ٽيم آهي جيڪا لاڳيتو ڇهن مهينن کان مايوس ڪندڙ ڪرڪيٽ کيڏي رهي آهي. جو روٽ چيو ته سخت ردعمل جا نتيجا خراب نڪري سگهن ٿا، هر واري خطري جي گهنٽي وڄائڻ مسئلي جو حل ناهي. جو روٽ اعتراف ڪندي چيو ته انگلينڊ جي ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن جو مورال ڊائون آهي جنهن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٽيم کي اعتماد جي ضرورت آهي ڇو ته عالمي ڪرڪيٽ کي  ڪنهن هارايل رانديگر جي ضرورت ناهي هوندي . ياد رهي ته محدود اورن جي ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ جي ڪارڪردگي بهتر آهي انڪري  امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته  پاڪستان جي هٿان ٽيسٽ سريز ۾ شڪست جي صورت ۾ کيس ٽيسٽ ڪوچنگ تان هٽايو ويندو. ون ڊي جي رينڪنگ ۾ انگلش ٽيم پهرين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته سندس ڪوچنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم 2016 جي عالمي ڪپ جو فائنل پڻ کيڏي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے