15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: سامارو: باهه لڳڻ سبب 12 هارين جا گهر سڙي خاڪ

Samaro: Due to the fire, 12 farmers' house slabsساماري ڀرسان اوچتو باهه لڳڻ سبب 12 هارين جا گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آهن.

ڳوٺ لال دين راجپوت ۾ لالو، راوتو ۽ نيلو ڪولهي سميت 12 هارين جي گهرن کي باهه وڪوڙئي وئي، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو.

باهه متاثرن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي، متاثر کُلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.

اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير پهتي، ان کان اڳ باهه متاثرن ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو.

فائربرگيڊ گاڏي وقت تي نه پهچڻ خلاف باهه متاثرن احتجاج ڪيو.

باهه متاثرن جو چوڻ هو ته گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ سان ئي فائربرگيڊ عملي اطلاع ڏنو، پر دير پهچڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک بڻجي ويو.

هنن انتظاميه ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو غريب آهن، سندن مالي سهائتا ڪري انصاف ڪن………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : 653 شاگردن ۾ شوز ورهايا ويا

ميرپورخاص ويجهو ڪوٽ غلام محمد شهر جي قائداعظم ايليمينٽري ڪيمپس اسڪول ۾ 653 شاگردن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے