15 جمعرات , نومبر 2018

خالد مقبول ڪوڙ ڳالهائي پر ڪا حد رکي: فاروق ستار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته خالد مقبول صديقي ڪوڙ ڳالهائي پر ڪا حد رکي، بهادر آباد وارن طرفان مون کي افطار ڊنر ۾ نه گهرايو ويو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مان متحد ٿيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي، 5 مئي جي جلسي کانپوءِ بهادر آباد طرفان ڪجهه آڇون ڪيون ويون، خالد مقبول صديقي پنهنجي پهرين آڇ تان هٽي ويو آهي، پنج فيبروري تي جيڪي شرط هئا تنهن تي مان وڃڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته بهادر آباد وارن طرفان مون کي افطار ڊنر ۾ نه گهرايو ويو، خالد مقبول صديقي ڪوڙ ڳالهائي پر ڪا حد رکي. سندس چوڻ هو ته 26 مئي تي ڏکڻ سنڌ صوبي جي مطالبي لاءِ جلسو ڪرڻ تي بهادر آباد وارن انڪار ڪيو. فاروق ستار چيو ته ساٿي ڪارڪن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين پوءِ ڏسون ٿا ته مان ۽ بهادر آباد وارا گڏجي ٽڪيٽون ڏيون ٿا يا نه ؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے