15 جمعرات , نومبر 2018

فضل الرحمان سنڌ جي نگران وڏي وزير طور قسم کڻي ورتو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي چيف سيڪريٽري فضل الرحمان سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي جو قسم کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ نگران وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ گورنر محمد زبير فضل الرحمان کان سنڌ جي نگران وڏي وزير جي عهدي جو قسم ورتو. تقريب ۾ مدو پورو ڪندڙ وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر،  ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، صوبائي وزير نثار احمد کهڙي، ناصر حسين شاهه، صوبائي سيڪريٽرين ۽ شهري اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي موقعي تي گورنر هائوس ۽ ڀرپاسي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا. نگران وڏي وزير فضل الرحمان کي خاص پروٽوڪول ذريعي گورنر هائوس آندو ويو. قسم کڻڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون،اسان جي پهرين ترجيح شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، ڪوشش ڪنداسين پرامن ماحول ۾ چونڊون ٿين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان 5 ايراني مغوي گارڊ بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان اغوا ٿيل ايراني گارڊن مان 5 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے