15 جمعرات , نومبر 2018

چيف جسٽس طرفان غير استحقاق گاڏيون اڄ شام تائين ضبط ڪرڻ جو حڪم

The meeting was attended by Chief Justice Saqib Nisarلاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس اڄ شام تائين غير استحقاق گاڏيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جو سمورو رڪارڊ پنج جون تي طلب ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ لگزري گاڏين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم لگزري گاڏين جي منظوري ڏني ۽ وزيراعظم جي هدايتن تي اهي گاڏيون اڳتي ڏنيون ويون آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي منظوري نه هوندي اها فواد حسن فواد ڏني هوندي، وزيراعظم جي صحيح سان هڪ به گاڏي نه ڏني وئي آهي، فواد حسن فواد ڪيئن وزيراعظم جي جاءِ تي گاڏيون ڏيندو رهيو آهي؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته عابد شير علي ڇو گاڏي ورتي، ان حوالي سان اڱاري تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت به گاڏيون واپس ورتيون آهن، چيف جسٽس چيو ته اسان گاڏين کي بيهاري برباد ٿيڻ نه ڏينداسين، اهي گاڏيون نگران حڪومت حوالي ڪيون وڃن. هن چيو ته بنا استحقاق جن ڪمپنين کي گاڏيون ڏنيون انهن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز خلاف ايڪشن ٿيندو جڏهن ته عدالت چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سموريون گاڏيون واپس وٺي شام تائين رجسٽرار کي آگاهه ڪن.  عدالت بلوچستان مان مليل رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي ۽ شام تائين غير استحقاق شده گاڏيون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي استعمال هيٺ گاڏين جو سمورو رڪارڊ 5 جون تي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته عدالتي فيصلي تي 100 سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته عدالتي فيصلي تي عمل لاءِ ڪميسن پڻ قائم ڪئي وئي جنهن کي ٻن ڏينهن اندر فيصلي تي عمل ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے