19 پیر , نومبر 2018

اياز صادق به نامزدگي ڪاغذن بابت فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

It seems that the Election Commission will have to do the ECP's decision: Ayaz Sadiq

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي  اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق نامزدگي ڪاغذن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته عدالت کي نامزدگي فارمن بابت حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ فيصلو ڏيڻ گهرجي ها. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته ن ليگ خلاف 2002ع وانگر هاڻي به سازشون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪنهن به سازش جي پرواهه ناهي. سندس چوڻ هو ته  اليڪشن ايڪٽ سڌارن تي جج 2 ڏينهن جو وقت ڏين ها جيئن پارليامينٽ مان ترميم ڪرائي وٺون ها. اياز صادق چيو ته پارليامينٽ مان سمورين سياسي پارٽين چونڊ سڌارن بابت ايڪٽ منظور ڪيو آهي. هن چيو ته مان نامزدگي فارم تبديل ڪرڻ بابت فيصلي خلاف عدالت ۾ ويندس. سندس چوڻ هو ته سمورين سياسي پارٽين اتفاق سان فارم ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اياز صادق جو چوڻ هو ته  سينيٽ جي چونڊ به ساڳي ايڪٽ تحت ٿي آهي، قومي نوعيت جا فيصلا بربادي ۽ سوچي سمجهي ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اليڪشن شيڊول اچڻ کانپوءِ فيصلو اچڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف مونجهاري جو شڪار آهي، پنجاب جي نگران وڏي وزير جو نالو ڏئي واپس وٺڻ تي حيرت آهي. اياز صادق چيو ته فيصلا سوشل ميڊيا ۽ پيري مريدي ذريعي ڪرائڻ آهن ته ملڪ جو الله ئي حافظ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے