18 اتوار , نومبر 2018

شهباز شريف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ چار نالا پيش ڪري ڇڏيا

Efforts to postpone election will not improve: Shahbaz Sharifلاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف صوبي ۾ نگران وڏي وزير لاءِ 4 نالا پيش ڪري ڇڏيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ماڊل ٽائون ۾ پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، مريم اورنگزيب، سعد رفيق، راڻا ثناءَ الله ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نگران وڏي وزير سميت ايندڙ عام چونڊن جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اجلاس دوران شهباز شريف نواز شريف سان مشوري بعد نگران وڏي وزير لاءِ 4 نالا پيش ڪري ڇڏيا جنهن ۾ سامونڊي فوج جو اڳوڻو سربراهه ايڊمرل ذڪاءَ الله، اڳوڻو ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان، جسٽس رٽائرڊ سائر علي ۽ اڳوڻو آءِ جي پنجاب طارق سليم ڊوگر شامل آهن. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته جيڪي نالا سامهون آيا آهن اهي ميڊيا ذريعي تحريڪ انصاف تائين پهچايا ويندا، انهن نالن تي سوچ ويچار ڪن اسان به سندن نالن تي غور ڪري رهيا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته هڪ ئي ميٽنگ ۾ نالو فائنل ٿي وڃي. ذريعن موجب هڪ ٻن ڏينهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود الرشيد ۾ ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير جي نالي تي ڳالهيون ٿينديون. شهباز شريف ۽ محمود الرشيد ۾ اتفاق نه ٿيو ته معاملو پارلياماني ڪميٽي حوالي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے