22 جمعرات , نومبر 2018

ظلم جو شڪار ماڻهو چيف جسٽس وٽ پهچن، انصاف ٿيندو: عائشه احد

لاهور ( ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز جي گهر واري هئڻ جي دعويدار عائشه احد چيو آهي ته جنهن سان ظلم ٿيو آهي اهو چيف جسٽس وٽ پهچي، ڀلي دير ٿي پر انصاف ملندو. لاهور ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه احد چيو ته  رب جو جيترو شڪر ادا ڪيا اهو گهٽ آهي، ساڍن ستن سالن بعد ڪيس داخل ٿيڻ جو حڪم ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ جي چيو ته ڪيس ٻن ڪلاڪن اندر داخل ٿيندو، انشاءَ الله سڀ ڏوهارين کي سزا ملندي. سندس چوڻ هو ته مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جسماني تشدد پڻ ڪيو ويو، مان سڀني جانالا ڏنا آهن. عائشه احد چيو ته حمزا شهباز، علي عمران يوسف، راڻا مقبول، عتيق ڊوگر، ذوالفقار چيما جا نالا ڏنا آهن، جيترا به ماڻهو آهن ڪيس داخل ٿيڻ سان جاچ ٿيندي، مان ۽ منهنجي ٽيم به پيش ٿيندي، انشاءَ الله الله بهتر ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهرين جي حقن جي حفاظت ۽ انصاف جي فراهمي رياست جي ذميواري آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهرين جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے