20 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن جو لاهور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن خدشن کي رد ڪندي عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر  سردار محمد رضا جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو.  اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چئني ميمبرن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ايڊمن به شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي نامزدگي فارم بابت فيصلي ۽ تڪبندين رد ڪرڻ بابت فيصلن جو جائزو ورتو ويو.  اجلاس ۾ نامزدگي فارمن بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته عام چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ڪرايون وينديون. ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته شيڊول ۾ ٻن کان ٽن ڏينهن جي گنجائش آهي. هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چئلينج نه پيو ڪيو وڃي پر ابهام ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته نامزدگي فارم تي جيڪو موقف عدالت ۾ هو اهو هاڻي به آهي. ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته نامزدگي ڪاغذ کي رولز جو حصو هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …