20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سن: ٻھ ڏينهن پراڻو جانورن جو کاڌل نامعلوم لاش هٿ

Sann: On the third day, the lamb of old vineyards took an unknown bodyسن ڀرسان انڊس هاءِ وي انڌي موري جي هيٺان ٻھ ڏينهن پراڻو جانورن جو کاڌل  نامعلوم لاش هٿ آيو آهي.

شالماڻي لڳ انڊس هاءِ وي روڊ انڌي جي موري  هيٺان ٻه ڏينهن پراڻو نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.

ڳوٺاڻن موري جي هيٺان لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو،  جنهن کان پوءِ پوليس خادمين سنڌ فائونڊيشن جي ايمبولينس سروس ذريعي لاش سن اسپتال پهچايو.

لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري لاش کي سن اسپتال جي مردا خاني ۾ رکيو ويو آهي،.

ان موقعي تي  ڊاڪٽر  محمد ڇڇر ٻڌايو ته لاش ٻه ڏينهن پراڻو آهي سندس  منهن جانورن کائي ڇڏيو آهي،  جنهن جي ڪري  لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي.

 پوليس ٻڌايو ته لاش ڪنهن درويش جو آهي جيڪو اڃ بک ۽ سخت گرمي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي.

پوليس وڌيڪ چيو تھ  جيڪڏهن شام تائين  لاش جي سڃاڻپ نه ٿي تھ  ان کي لاوارث ڄاڻائي شاھ حيدر قبرستان سن  ۾ دفن ڪرايو ويندو……………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے