14 بدھ , نومبر 2018

ريحام خان طرفان چونڊن کان اڳ ڪتاب شايع ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان چونڊن کان اڳ پنهنجوڪتاب منظر تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ نه رڳو ريحام خان جي زندگي جا لاها چاڙها آهن پر هوءَ تمام گهڻا انڪشاف به ڪندي. ڪتاب انگريزي ۾ هوندو جنهن جو اردو ۾ ترجمو به شايع ڪيو ويندو. ريحام خان جو ڪتاب اڃا شايع نه ٿيو آهي پر سوشل ميڊيا تي مٿس تنقيد شروع ٿي وئي آهي.  ريحام خان سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا مافيا جي منهنجي ڪتاب جي مشهوري ڪرڻ تي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان. هن پنهنجي مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو هو تنقيد ڪندڙن کي نظرانداز ڪري ڇڏين، هو گند اڇلائيندا ڇاڪاڻ ته سندن حقيقت اها ئي آهي، مون کي ان حوالي سان گلن جي اميد نه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيخ رشيد جو گوادر ۾ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد وٽ ڪنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے