22 جمعرات , نومبر 2018

ڊاڪٽر فاروق ستار 5 فيبروري کانپوءِ جي صورتحال جو ذميوار آهي: عامر خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم بهادر آباد اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته 5 فيبروري کانپوءِ جي صورتحال جو ذميوار فاروق ستار آهي. ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته  رابطا ڪميٽي طئي ڪيو آهي ته اختيار هڪ شخص وٽ نه هوندا، ڪنوينر، چونڊ ٽڪيٽ ڏيڻ ۽ پارٽي هلائڻ جو اختيار ٽن مختلف ماڻهن وٽ هوندو. هن چيو ته  پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جو اختيار خالد مقبول صديقي کي ڏئي ڇڏيو آهي، فاروق ستار چوي ٿو ته ٽئي اختيار وٽس هجن ته اهو ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته 5 فيبروري کانپوءِ جي صورتحال جو ذميوار فاروق ستار آهي،  تنهن ڪري بائيڪاٽ ڪندڙ ڀلي بائيڪاٽ ڪن ڪو به فرق نه پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے