16 جمعہ , نومبر 2018

چين پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي رهيو آهي: آمريڪا

سنگاپور ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير جيمس ميٽس چيو آهي ته چين تڪراري ڏاکڻي سمنڊ ۾ ميزائل لڳائي پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي رهيو آهي. سنگا پور  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيمز ميٽس چيو ته چين جي اهڙي قدم سان سندس مقصدن تي سوال اٿي رهيا آهن. هن چيو ته هلندڙ مهيني آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي ملاقات دوران ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فوجين جي موجودگي جو معاملو غور هيٺ نه ايندو مطلب ان تي ڳالهيون نه ٿينديون.  سندس چوڻ هو ته آمريڪا ٻيٽ جهڙي ڪوريا کي مڪمل طور ائٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو. جيمز ميٽس چيو ته چين ڏاکڻي سمنڊ ۾ جهاز ٽوڙ، زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ۽ اليڪٽرانڪ جيمرز لڳايا آهن. هن چيو ته چين جي دعوائن جي ابتڙ اهڙا هٿيار لڳائڻ جو مقصد سڌو سنئون ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ سان آهي. ڏکڻ ڪوريا جي بچاءَ واري وزير سونگ ينگ پنهنجي آمريڪي هم منصب  جي ڳالهين جو دفاع ڪندي چيو ته آمريڪي فوج جي ڏکڻ ڪوريا ۾ موجودگي ۽ اتر ڪوريا جا ائٽمي هٿيار الڳ معاملو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ٻن ڏينهن جي سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے