21 بدھ , نومبر 2018

سونل چوهان جي چندرا مکيءَ جي روپ ۾ واپسي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سونل چوهان هدايتڪار مهيش منجريڪر جي نئين فلم ۾ چندرا مکي جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندي. رپورٽن موجب مهيش منجريڪر جي نئين ڏوهارين تي ٻڌل فلم ۾ وديت جموال ۽ شروتي هاسن کانپوءِ هاڻ اداڪارا سونل چوهان به شامل ٿي وئي آهي. فلم ۾ وديت جموال جي هيروئن جو ڪردار شروتي هاسن نڀائيندي، جڏهن ته سونل چوهان چندرا مکي جي روپ ۾ نظر ايندي. فلم ۾ چندرا مکيءَ جي اچڻ کانپوءِ نئون موڙ شروع ٿيندو. فلم جو نالو اڃا تائين فائنل ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ان جي شوٽنگ اپريل ۾ گوا ۾ شروع ڪئي وئي هئي، سونل چوهان فلم جي شوٽنگ هلندڙ هفتي شروع ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے