18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڇاڇرو:ڳوٺ ڇهو نهڙي ۾ باهه لڳڻ سبب 85 گهر سڙي خاڪ

Chachro: Village in touch DMMetal ins fire burned 85 houses in ashesڇاڇري ڀرسان شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب ڪيترائي گهر سڙي خاڪ ۽ 30 کان وڌيڪ ٻڪريون سڙي مري ويون آهن.

ڳوٺ ڇهو نھڙي ۾ بجلي شارٽ سرڪٽ سبب نھڙي برادري جي بچل، شوڪت، بادل ۽موسيٰ سميت 85 ڄڻن جا گهر سڙي خاڪ بڻجي ويا.

باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ ٻڌل 30 کان وڌيڪ ٻڪريون سڙي مري ويون، جڏهن ته گهرن ۾ پيل لکين رپين جو سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو.

اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڳوٺ ۾ 2 ڪلاڪ دير پهتو، ان کان اڳ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.

باهه متاثر ڏانهن ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو، متاثر کُلي آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن.

باهه متاثرن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندن واهر ڪري سهارو بڻجن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٻهارا: جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي

*ٻهارا  ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي حوالي سان ريلي ڪڍي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے