18 اتوار , نومبر 2018

ستين ڪلاس جي ذهين شاگرد عبدالرحيم پيرزادي جي ڪهاڻي سندس زباني

ورثا ذلف

منهنجو نالو عبدالرحيم آهي.منهنجو جنم 9 نومبر تي ٿيو.اسان پنج ڀيڻ ڀاءُ آهيون ۽ مان سڀن مان ننڍو پنجين نمبر تي آهيان.منهنجون ڀينر ماشالله پڙهائي ۾ تمام سٺيون آهن جنهن سان مون تي به اها زميداري ٿي ته مان انهن وانگر سٺو پڙهان.اها ذميداري مان خوشي سان قبول ڪئي ڇو جو مونکي به قدرتي پڙهائي سان محبت آهي.مان ستين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان.مان پهرين کان وٺي  ٽين تائين منهاج پبلڪ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي.ڪجهه عرصي جي وقفي کانپوءِ العمران ۾ داخل ٿيڻو پيو.ان اسڪول جي تعليمي معيار کي ڏسي مانپاڻ اسڪول تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو تمام ڏکيو هو.جيئن ته اسان جي عام مشاهدي ۾ آهي ته اسان ڪنهن جاءَ تي مسلسل ڪم ڪيون ته پوءِ اها جاءِ پنهنجي ٿي ويندي آهي ۽ ان کي ڇڏڻ تي دل به نه ڇوندي آهي،پر مان پنهنجي مستقبل کي ڏسي اهو ڏکيو فيصلو ڪيو ۽  اسان جي علائقي جي سٺي اسڪول ۾ داخله ورتي.هن اسڪول جو نالو پارس ماڊل سيڪنڊري اسڪول آهي.پڙهائي جي حوالي سان ته هي اسڪول بهترين آهي پر علمي ڪارڪردگن ۾ به پنهنجو نالو مڃرائي ويو آهي.اسان جي اسڪول ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ڀرپور حصو وٺندو آهيان جنهن سان مون ۾ ڪنهن حد تائين خود اعتمادي پيدا ٿي وئي آهي.

مونکي پڙهڻ لکڻ ڏاڍو وڻندو آهي ۽ منهنجو پسينده مضمون انگريزي آهي.مان وڏو ٿي ڪرڪيٽر ٿيڻ ٿو چاهيان.مونکي ان شي جي مڪمل ڄاڻ آهي ته پڙهائي هر لحاظ کان اهم آهي.ڀلي دنيا جي ڪنهن به شعبي ۾ وڃجي اتي شعور لازمي آهي.ان لاءِ مان ڪرڪيٽ کيڏڻ سان گڏ پڙهائي تي به مڪمل ڌيان ڏيندو  آهيان.

ڪي چوندا آهن ته جيڪو ماڻهو اسپورٽس کي پنهنجو معاشي وسيلو ٺاهيندا آهن اهي پڙهائي ۾ اڪثر جڏا هوندا آهن.ان لاءِ ٻارن کي کيڏڻ کان منع ڪئي ويندي آهي،چيو ويندو آهي ته پڙهو پڙهن ڪم ايندو،کيڏڻ نه.پر مونکي ان سوچ سان اختلاف آهي ڇو ته منهنجي نظر ۾ ٻئي شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت ٿيون رکن.بيمار ماڻهو پڙهي نٿو سگھي ڇو جو هن ۾ انرجي باقي نه رهندي آهي.ان لاءِ بيمار ماڻهو کي آرام ڪرڻ جي نصيحت ڪئي ويندي آهي.اڪثر ٻارن جي بيماري جو ڪارڻ ورزش نه ڪرڻ هوندو آهي.ورزش هر عمر جي ماڻهو لاءِ اهم آهي ۽ کيڏڻ ورزش ۾ شمار ٿيندو آهي.پر پڙهائي ۽ راند جو هڪ وقت مقرر هوندو آهي.جيئن ته هر شيءِ اعتدال ۾ ٺهندي آهي.ڪنهن به شيءِ ۾ زيادتي نقصانڪار آهي.ان لاءِ مان پڙهائي ۽ راند مقرره وقت تي ڪندو آهيان.

اسڪول ۾ جنهن استاد مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو آهي اهو سر علي آهي.سر علي ڏاڍو پيار سان پڙهائيندو آهي ۽ تشدد جي به سخت خلاف آهي.ڪنهن تي به هن ڪڏهن به هٿ نه کنيو آهي.سر علي انگريزي جو استاد آهي ۽ سر علي جي ڪري ئي انگريزي منهنجو پسنديدهه مضمون ٿي ويو آهي.

مونکي متاثر ڪندڙ شخصيتين ۾ابو ۽ امي کانپوءِ سر علي آهي.سر علي ۾ اهي تمام خوبيون آهن جيڪي هڪ سٺي انسان ۾ هجڻ گھرجن.هو اسان کي پڙهائيندو ته انگريزي آهي پر ان سان گڏ اسان کي صحيح ۽ غلط جي ڄاڻ به ڏيندو آهي.مونکي خوشي ٿيندي آهي ته مان سر علي جهڙي استاد کان علم حاصل ڪيو.سر علي نه رڳو صحيح غلط جي ڄاڻ ڏيندو آهي بلڪه اسان جي هر قدم تي رهنمائي ڪندو آهي،بيشڪ اهو سر علي جو مضمون نه هجي پر ڪنهن به شيءِ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ته سر علي اسان کي حل ڪڍي ڏيندو آهي.مان سر علي جي متعلق جيترو به لکان اوترو گھٽ آهي.هو نه رڳو بهترين استاد آهي پر هو اسان جو ليڊر به آهي

اسپورٽس سان مونکي تمام گھڻو لڳاءُ آهي.ان لاءِ مان هر قسم جي راند کيڏندو به آهيان ۽ ڏسندو به آهيان.فٽ بال ۾ منهنجو پسنديدهه رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو آهي.جڏهن ته ڪرڪيٽ ۾ حسن علي کي پسند ڪندو آهيان.منهنجي وڏي ڀيڻ جنهن شعبي ۾ وئي آهي مان به ان ۾ وڃڻ ٿو چاهيان ۽ هاڻي اسپورٽس اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن کي مان پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺاهڻ پيو چاهيان.

منهنجي مشاهدي ۾ اها ڳالهه به آهي ته جنهن ٻار جا والدين گڏ هوندا آهن اهي ٻار ئي ڪامياب ٿيندا آهن ۽ شڪر آهي جو منهنجا والدين مونکي پوري طرح سپورٽ ڪندا آهن.والدين جي سپورٽ کانسواءِ ڪا به شيءِ ممڪن ناهي.مان الله جو هر وقت شڪر ادا ڪندو آهيان ته مونکي اهڙي فيملي ڏنئين جيڪا هر مشڪل ۾ مون سان گڏ رهي.مونکي ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي ڪمي محسوس نه ٿي آهي.جيڪا مان شيءِ چاهيندو آهيان اها منهنجي اڳيان هوندي آهي.مونکي جيترو منهنجا والدين ٿا ڀائن اوترو ئي مونکي منهنجون ڀينر به ٿيون چاهين.شاپنگ مهل يا ڪنهن خريدداري مهل منهجون ڀينر منهنجي لاءِ پهريون خريداري ڪنديون آهن.

مان چاهيان ٿو ته اسان جي اها ننڍي فيملي ايئن ئي هميشه خوش رهي.

 

منهنجو خواب آهي ته مان وڏو ٿي پنهنجي والدين جي اميدن تي پورو لهان ۽ انهن جو نالو روشن ڪيان.ان لاءِ منهنجي محنت جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے