21 بدھ , نومبر 2018

گرميءَ جو هڪڙو ئي علاج، وڻ پوکيو مُهم

طاهرا علي

“اڄ ڪلهه هر ماڻهون پنهنجي گاڏي وڻ جي هيٺيان بيهارڻ چاهي ٿو پر ڪو به وڻ پوکڻ جي ڪوشش نٿو ڪري” !

منهنجي هڪ دوست  اهو جملو فيس بڪ تي لکيو  جنهن مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو . گذريل پندرنهن ڏينهن ۾ ڪراچي اندر گرمي پنهنجي زور شور سان جاري آهي . 30 مئي تي ڪراچي جو گرمي پد 45 سنٽي گريڊ هو. جيڪو هلندڙ سان جو گرم ترين ڏينهن ٻڌايو ويو .  ڏٺو وڃي ته ماحولياتي تبديلي جا سڄي دنيا تي اثر پيا آهن سنڌ تي  پڻ انهي تبديلين جا گھرا اثر ٿيا آهن .

ڪراچي جيڪو گذريل ڪجهه سالن ۾ گرمي جي عذاب کي جنهن صورت منهن ڏئي رهي آهي ان جا ڪيترا سبب آهن .هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هن شهر جا ٻيلا ( تمر جا ٻيلا ۽ ٻيا  ) ڪٽيا ويا . شهر جي روڊ رستن تان سوين سال پراڻا وڻ ڪٽيا ويا ۽ انهن وڻ  جي جاءِ تي جيڪو وڻ لڳايو ويو سو ڪونو ڪارپس ( چيني وڻ )  جيڪو نه صرف ماحول دشمن آهي پر  پکي دشمن پڻ آهي هو به پکي انهي وڻ ۾ پنهنجو آکيرو نٿو ٺاهي  .

ٻيو ته انهيءَ وڻ ۾ آڪسجن ملڻ جي ڪا اميد ئي ڪونهي ٽيون اهو وڻ ساهه جي بيماري ۾ اضافو ڪري ٿو  ۽ انهي سان گڏ گند پڻ پکڙي ٿو .

ڪجهه سال پهريان تائين جيڪب آباد ۽ سئي هن خطي جا گرم ترين شهر ڳڻيا ويندا هئا پر هاڻ نواب شاهه ۽ مُهين جو دڙو  نه صرف پاڪستان پر ايشا جي گرم ترين شهرن جي لسٽ ۾ اچي ويا . 30 اپريل 2018 تي نواب شاهه جو گرمي پد 51 سينٽي گريڊ هو ۽ نواب شاهه ان تي دنيا جو گرم ترين شهر ڳڻيو ويو ( واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ).

سنڌ اندر قيامت خيز گرمي جو وڏو سبب ته اهو ئي آهي جو هٿان جا وڻ ٻيلا ڪٽي  زمينون ٺاهيون ويون،  پلازا قائم ڪيا ويا ۽ اهو سڀ رياستي سرپستي ۾ ٿيو . ٻيو ته آبادي جي  مٽا سٽا  ان جا پڻ  اثر پيا آهن مثال جي طور تي ڪراچي جي آبادي اڄ کان 20 سال اڳ سوا ڪروڙ هئي ۽ هاڻ سرڪاري انگن اکرن موجب پوڻا ٻه ڪروڙ آهي . ( موجودا آدم شماري ۾  35 لک غير ملڪين ۽ لڳ ڀڳ 40 لک ملڪ جي ٻين شهرن کان آيل ماڻهن کي شامل نه ڪيو ويو آهي )

اُهي ماڻهون جڏهن  هڪ جاءِ کان ٻي جاءَ  ڏانهن وڃن ٿا ته  انهن جي استعمال هيٺ گاڏين جو دونهون گدلائڻ ۾ اضافو ڪري ٿو جنهن سان ۾ گرمي پد وڌي ٿي.

ٽيون انهن بي لغام ڪارخانن ۽ فيڪٽريون جيڪي  ماحوليات تي حوالي سان هڪ سيڪڙو به خيال نٿا رکن . انهن فيڪٽريون جو دونهون بادل بڻجي آسمان سان وڃي ٿو لڳي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ سمنڊ هجڻ باوجود مينهن نٿا وسن. ماهرن موجب ايندڙ وقت ۾ گرمي ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهو اضافو خطرناڪ سطح تي پڻ وڃي سگھي ٿو. سو ان جي بچڻ جو واحد رستو اهو آهي وڌ کان وڌ وڻ لڳايا وڃن خاص ڪري نم ۽ ٽاري جا وڻ جيڪي ماحول دوست ، پکي دوست وڻ آهن . سرڪاري سطح تي ۽ فردي سطح تي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن جيڪي ماڻهن کي وڻ جي اهيمت بابت ڄاڻ ڏين . اها مهم پڻ هلائن ته هر ماڻهون هر مهيني گهٽ ۾ گھٽ وڻ ضرور لڳائي . انور پيرزادو اڪيڊميءَ ان سلسلي ۾ شروعات پڻ ڪئي آهي جيڪا پڻ قابل تعريف آهي ته هر ماڻهون پنهنجي جنم ڏينهن تي هن ڌرتي کي وڻ جو تحفو ڏيندو . انهيءَ سلسلي ۾ اسان سڀني تي اهو فرض ٿو ٿئي تي انهي ماحول دوست ، درتي دوست مهم ۾ شريڪ ۾ پنهنجي وطن کي ماحولياتي تبديلين کان محفوظ بڻائي سگھون .

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …