15 جمعرات , نومبر 2018

ليڊز ٽيسٽ ۾ انگلش ٽيم جي پوزيشن مضبوط، پاڪستان تي 128 رنسن جي سرسري حاصل

The position of the England team in the Leeds Test was strong, Pakistan's 128 runner's leadليڊز(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي انگلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهي ورتيون .  برسات ۽ خراب موسم هئڻ سبب ٻئي ڏينهن جي راند 3 ڪلاڪ دير سان شروع ٿئي . ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر پهرين انينگز ۾ پوري ٽيم 174 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي. پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين انگلينڊ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنسون ٺاهيون هيون. ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين انگلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ انگلش ٽيم کي پهرين اننگز ۾ پاڪستان تي 128 رنسن جي سرسري حاصل آهي. پهرين ڏينهن انگلش اوپنر اليسٽرڪڪ 46 ۽ ڪيٽن جيننگز 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ٻئي ڏينهن پاڪستان کي پهرين ڪاميابي محمد عامر ڏياري جڏهن هن انگلش ڪپتان جو روٽ کي 45 رنسن جي اسڪور تي سرفراز احمد هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ڊيوڊ ملان  کي به محمد عامر 28 رنسن تي حارث سهيل هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. انگلش ٽيم جي پنجون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر بيس هو جيڪو 49 رنسون ٺاهي شاداب خان جو شڪار بڻيو، جڏهن ته جوني بيئراسٽو 21 رنسون ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان کي ستين ڪاميابي محمد عباس ڪرس ووڪس کي 285 رنسن جي اسڪور تي آئوٽ ڪري ڏياري. ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿي ته جوس بٽلر 34 ۽ سيم ڪرن 16 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے