15 جمعرات , نومبر 2018

سوئنگ جو سلطان ڪپتان وسيم اڪرم اڄ پنهنجي 52 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

Swam's Sultan Ahmed Bhaeem Akram today is celebrating his 52-year anniversaryليڊز (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم 3 جون 1966ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو ۽ 1984 ع ۾ پاڪستان آٽو موبائلز ڪارپوريشن جي طرفان راند جي شروعات ڪئي.وسيم اڪرم  ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پاڪستان جو مقبول ترين بالر رهيو ۽ ضرورت وقت ان سوئنگ ۽ آئوٽ سوئنگ ڪرائڻ جي خوبي ٻين بالرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئي.وسيم اڪرم هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ راند ۾ پنج سئو کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ وارو پاڪستان جو پهريون ۽ دنيا جو ٻيو بائولر آهي، جنهن 356 هڪ ڏينهن واري راند ۾ 502 وڪيٽون ورتيون.کاٻي هٿ سان بائولنگ ڪرڻ وارو وسيم اڪرم 1984 کان جون 2003 ع تائين پنهنجي 19 ورهين جي ڪيريئر ۾ 104 ٽيسٽ ، 356 ون ڊي، ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي نئچن ۾ قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي.وسيم اڪرم جي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 1989-90 ۾ آسٽريليا خلاف ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ سينچري ۽ 1996-97 ۾ زمبابوي خلاف شيخوپوره ۾ 257 رنسن جي نائوٽ آئوٽ اننگز کيڏي.وسيم اڪرم اڄڪلهه ڪرڪيٽ  ڪامينٽري ڪري ٿو ۽ انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم ڪلڪتا نائيٽ رائيڊر ٽيم جو بولنگ ڪوچ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے