18 اتوار , نومبر 2018

ڪوئيٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڌماڪو، 4 پورهيت دٻجي فوت

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا جي علائقي سنجدي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 پورهيت فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي دٻجي ويا آهن. ڪوئيٽا ۾ ڪجهه هفتن دوران کاڻ تباهه ٿيڻ جو ٽيون واقعو آهي. چيف مائنز انسپيڪٽر افتخار احمد جو چوڻ آهي ته سنجدي ۾ کاڻ حادثي ۾ ڦاٿل پورهيتن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. صوبائي چيف مائنز انسپيڪٽر موجب دٻجي ويل چئن پورهيتن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، کين اميد آهي ته ڪجهه دير ۾ ڦاٿل پورهيتن کي بچايو ويندو. گذريل مهيني ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 23 پورهيت دٻجي فوت ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے