14 بدھ , نومبر 2018

پنجاب جي 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن ڪيس: شهباز شريف سپريم ڪورٽ ۾ پيش

The law will have to go ahead, the NAB may want to: Shahbaz Sharif

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي 56 ڪمپنين جي ڪيس ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار 56 ڪمپنين جي ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي فوري طور طلب ڪيو. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل کي هدايت ڪئي ته شهباز شريف کان پڇا ڪئي وڃي ته ڪيستائين عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ 56 ڪمپنين ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار شهباز شريف کي فوري طور طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس چيو ته شهباز شريف عدالت اچي ۽ ٻڌائي ته کيس ڪمپنيون ٺاهڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته شهباز شريف جو 56 ڪمپنين سان سڌو سنئون ڪو به تعلق ناهي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سندس ڪردار کانسواءِ مک به نه اڏندي آهي، توهان هن کان پڇو ته ڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، هن کان ئي پڇنداسين ته ڪيئن ملازمن کي ايتريون پگهارون ڏنيون ويون. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  ڪامورا شاهي مان بند کڻي سي اي او لڳايا ويا،جن کي 12، 12، 15، 15 لک رپين تائين پگهارون جاري ڪيون ويون. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف پيش ٿيو ته چيف جسٽس سوال ڪيو توهان عوام سان ڪهڙو واعدو پورو ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته مان اربين رپين جي بچت ڪئي آهي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته مجاهد شير دل کي ايتري پگهار ڇو ڏني وئي. شهباز شريف چيو ته اهڙيون ڪمپنيون ماضي ۾ به ٺاهيون ويون، توهان مون کي موقعو ڏيو هر سوال جو جواب ڏيندس. چيف جسٽس چيو ته توهان نه به ڳالهايو پوءِ به توهان کي جواب ڏيڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے