16 جمعہ , نومبر 2018

چيمپئنز ٽرافي: قومي هاڪي ٽيم هالنيڊ رواني

Champions Trophy: National Hockey Team, Holland Rudaniڪراچي(اسپورٽس نيوز) چيميپئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنٽ ۾ شرڪت لاءِ قومي هاڪي ٽيم بلند حوصلي سان هالينڊ روانو ٿي وئي. غيرملڪي هيڊ ڪوچ پوري سچائي سان پنهنجو موقف ٻڌايئندي چيو ته ايونٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي جو امڪان پنج سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ٽيم منيجر اولپئين حسن سردار چيو ته  ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي پر نتيجا جو دارومدار قسمت تي هوندي. ايف آءِ ايڇ چيمپيئنز ليگ ٽرافي 23 جون کان هالينڊ جي شهر بريڊيا ۾ کيڏي ويندي، رضوان سينيئر ايونٽ ۾ 22 رڪني اسڪواڊ جي قيادت ڪري رهيو آهي جڏهن ته عماد بٽ نائب ڪپتان جو ذميواريون ادا ڪندو. حتمي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ٽرافي کان اڳ ڪيو ويندو، هالينڊ روانو ٿيندڙ 22 رانديگر ٽئين مرحلي ۾ ايمسٽرڊم ۾ تربيتي ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندا، جنهن لاءِ ڊچ گول ڪيپنگ ڪوچ سان گڏ پنالٽي ڪارنرن جا ايڪسپرٽ مقامي ڪوچ جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن. ايونٽ کان اڳ قومي هاڪي ٽيم پنج پريڪٽس ميچن ۾ پڻ شرڪت ڪندي تي جتي هو پاڻ کي ٽرافي مقابلن لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، چيمپيئنز ٽرافي ۾ ارجنٽائن، آسٽريليا، بيلجيئم، ڀارت ۽ هالينڊ جي مضبوط ٽيمون پڻ شرڪت ڪري رهيو آهن، افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ٽيم روايتي مخالف ڀارت سان 23 جون تي مقابلو ڪندي. 24 جون تي پاڪستان جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو. 26 جون ي هالينڊ، 28 جون تي ارجنٽائن، جڏهن ته ميگا ايونٽ جي پهرين مرحلي جي آخري ميچ ۾ 29 جون تي بيلجيئم سان مهاڏو اٽڪائيندي. پهرين جولائي تي چيمپيينز ٽرافي جي پوزيشن ميچن سميت ايونٽ جي چيمپيئن ٽيم جو پڻ فيصلو ٿيندو. چيمپيئنز ٽرافي لاءِ قومي ٽيم جي ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات تي ڪراچي کان هالينڊ لاءِ روانو ٿي. ٽرافي لاءِ عبدالستار ايڌهي هاڪي اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري قومي تربيتي ڪيمپ جو ٻيون مرحلو جمع ڏينهن مڪمل ٿي ويو هيو، ڇنڇر ڏينهن تي رانديگرن جي جم فزيڪل ٽريننگ ڪئي. ايونٽ تي راونگي کان اڳ هالينڊ سان واسطو رکندڙ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ رولينٽ اولٽيمنز   ڪا به وڏي دعويٰ ڪرڻ کان پاسو ڪيو، هن چيو ته پاڪستان هاڪي ٽيم هن وقت نئين سر تيار ٿيڻ واري مرحلي مان گذري رهي آهي، ڪاميابي واري مقام تي پهچڻ واريون ڳالهيون وقت کان اڳ هونديون، ٽيم هن وقت بهتري طرف وڌي رهي آهي ۽ رانديگرن جي اعتماد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سندن فٽنس جي معيار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، پر اڃان به وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، خواهش ۽ اميدون لڳائڻ تمام سٺي ڳالهه آهي پر حقيقت کان انڪار ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيم تسلسل سان ٽريننگ جو سلسلو جاري رکڻ سان گڏ پرڏيهي ٽيمن سان مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي،  چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ هدف هئڻ سان گڏ ٻين عالمي ٽيمن جي خلاف پڻ مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ پوندي، جنهن لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي، ٽيم مينجر اولمپئين حسن سردار اهو تسليم ڪندي چيو ته قومي هاڪي ٽيم جي فاروڊ لائن ۾ ڪمزوريون موجود آهي. ڪوچ چيو ته پنالٽي جو شعبو مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته اسان جي ٽيم ڀارت کي هارائڻ  جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، هالينڊ روانو ٿيندڙ 22 رڪني هاڪي ٽيم ۾ عمران بٽ، مظهر عباس، امجد علي(گول ڪيپرَ) عرفان سينيئر، مبشر، عليم بلال، عماد شڪيل، توثيق ارشد، علي تصور عباس، رضوان جونئير، ابوبڪر، عرفان جونئير، ارسلان قادر، عمر ڀٽا، رضوان سينيئر، شفقت رسول، علي شان، اظفر يعقوب، اعجاز علي، رانا سهيل ۽ امجد دلبر شامل آهن. رولينٽ اولٽيمنز هيڊ ڪوچ، اولمپيئن محمد ثقلين ۽ اولمپيئن ريحان بٽ ڪوچ، ڊينيئل پيري ٽرينر جڏهن ته اولمپيئن حسن سردار منيجر ۽ نديم لوڌي ويڊيو اينالسٽ جون ذميواريون ادا ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي، پي ايس ايل جي ٽائٽل اسپانسر جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ  (پي ايس ايل) جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے