17 ہفتہ , نومبر 2018

نامزدگي فارم رد ڪرڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

Asghar Khan Case: A government was formed to form a committee: Chief Justiceلاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نامزدگي فارم رد ڪرڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو . سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ سردار اياز صادق ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيل داخل ڪئي وئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان چونڊن ۾ دير ٿيندي. سردار اياز صادق جي وڪيلن چيف جسٽس کان فوري طور ٻڌڻي جي درخواست ڪندي چيو ته هي هڪ اهم نوعيت جو معاملو  آهي. سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ دفعو ٻيهر رمارڪس ڏيندي چيو ته عام چونڊون مقرر وقت تي 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے